حاجن شاهه جو دڙو

حاجن شاهه جو دڙو: هيءُ دڙو اسلامي دؤر جو چيو وڃي ٿو. دڙو 12 ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. هيءُ دڙو تعلقي جوهي، ضلعي دادو جي ڳوٺ مشتاق جمالي ۽ شاهه شڪر گنج جي ڀر ۾ واقع آهي. دڙي جي مٿاڇري تان ڪاشيءَ جون ٺڪريون مليون آهن، جن تي گل چٽيل آهن. ان سان گڏ نيلن جا ٽڪرا ۽ سرن جا اڌڙ وغيره به مليا آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ڪجهه وقت آڳاٽو آباد ٿيل شهر هو. هتان ٺڪر جي جنڊن جا ٽڪرا، گهگهين جون ڍڍريون، ڪؤنرن جا ٽڪر ٽوٽا به مليا آهن. هتي ڪيل هلڪي کوٽائيءَ سان ٽامي جا سڪا وغيره پڻ مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو